اسلام آبادپاڪستان

عمران پنهنجو ڏوهه قبوليو آهي ته هو ڪٺ پتلي هو:خورشيد شاهه

اسلام آباد : پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد شاهه ايٽمي اثاثن بابت آمريڪي صدر جوبائيڊن جي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ذميوار ترين ايٽمي طاقت آهي ۽ ڪڏهن به پنهنجي اثاثن جو غلط استعمال نه ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پاڪستان کي دنيا جو خطرناڪ ترين ملڪ قرار ڏيڻ واري آمريڪي صدر جوبائيڊن جي بيان تي رد عمل ۾ وفاقي وزير خورشيد شاهه ايٽمي اثاثن بابت آمريڪي صدر جي خدشن کي رد ڪندي چيو آهي ته 2 ارب مسلمانن جي دنيا ۾ پاڪستان واحد ايٽمي اسلامي ملڪ آهي. آمريڪي صدر جو پاڪستان خلاف اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ دراصل مسلمانن تي عدم اعتماد آهي. خورشيد شاهه چيو ته ايتري وڏي ايٽمي طاقت هئڻ باوجود پاڪستان هميشه هندستان سان صبر ۽ تحمل سان گذارو ڪيو. خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان اندر عمران خان پرڏيهي طاقتن جي ايجنڊا تي آهي. عمران خان جو اصل ايجنڊا پڻ ايٽمي طاقت کي ختم ڪرڻ آهي. هي يهودي ايجنڊا آهي قوم کي ان جو احساس هئڻ گهرجي. هن ايجنڊا تحت عمران خان پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ ۾ مصروف آهي. خورشيد شاهه چيو ته اڄ ننڍيون چونڊون اليڪشن ريفرنڊم آهن، عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته پاڪستان جي معيشت، سالميت جي جنگ وڙهڻي آهي يا گارگند، ڪوڙ جي سياست جو حصو بڻجڻو آهي. اليڪشن صاف شفاف ٿينديون جيڪي نتيجا ايندا انهن کي سڀئي تسليم ڪن، هي عمران خان جون سيٽون هيون. جيڪڏهن هو ٽي چار به هاري وڃي ٿو ته ان جي شڪست هوندي، عمران خان پنهنجو ڏوهه تسليم ڪري چڪو آهي ته هو ڪٺ پتلي هو، قوم ان ڪٺ پتلي کي رد ڪري. خورشيد شاهه اعتزاز احسن جي بيان تي تنقيد ڪندي چيو ته بيشڪ اعتزاز جي ذاتي راءِ آهي، پر سينئر اڳواڻ کي غلط ڳالهه جو احساس ڪرڻ گهرجي، پارٽي پڻ ان جي بيان جو نوٽيس ورتو. هو ڄاڻي ٿو ته ڪيس ڪوڙا هئا، هو مون خلاف بڻايل ڪيسن جي حقيقت پڻ ڄاڻي ٿو. اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ ڪا به حقيقت نه هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button