اسلام آبادپاڪستان

27 ارب ڊالرن جي قرضن جي ري شيڊيولنگ چاهيون ٿا:ناڻي وارو وزير

اسلام آباد :ناڻي ۽ محصولن بابت وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان پيرس کان علاوه باقي رهيل 27 ارب ڊالرن جي قرضن جي ري شيڊيولنگ چاهي ٿو. اها ڳالهه هن برطانوي خابرو اداري رائيٽر کي انٽرويو ڏيندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي قرضن جي ڏيوالي هئڻ ڊسمبر ۾ قابل ادائگي بانڊن جي ميچوئرٽي جي تاريخ م واڌ ۽ آءِ ايم ايف پروگرام فنڊن تي ٻيهر ڳالهين ۽ امڪانن کي رد ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وزير چيو ته هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ گهڻ رخي بئنڪن ۽ بين الاقوامي ڊونرن جو رويو پاڪستان جي پرڏيهي ادائگين جي ضرورتن جي حوالي سان لچڪدار آهي. پاڪستان جي پرڏيهي ادائگين جو ڪاٿو 32 ارب ڊالر آهي. ان ۾ گذريل منظور ٿيل سست ترقياتي قرضن مان حاصل ڪيا ويندا. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان منصفاڻي ۽ برابري جي بنياد تي ٻه طرفي قرض ڏيندڙ ادارن ۽ ملڪن سان قرضن جي ري اسٽرڪچرنگ جو معاملو کڻندو. هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي واري وزير چيو ته ڪرنسي جي قدر جي معاملي تي حڪومت فزيڪل مداخلت نه ڪري رهي آهي. اسان سمجهون ٿا ته ڊالرجي قدر جي لحاظ سان پاڪستان جي رپئي جي اصل قيمت 200 رپيا بڻجي ٿي. ڊالرن جو قدر هاڻي 219 رپيا آهي، مان مضبوط ڪرنسي ۽ ڪرنسي جي حقيقي قدر جو حامي آهيان. ڪرنسي جو تعين مارڪيٽ تي ٻڌل هئڻ گهرجي، جڏهن ته ان کي ڪنهن ٻي ڪرنسي جو يرغمالي نه بڻجڻ گهرجي. هڪ سوال تي ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان ريزليئنس اينڊ سسٽين ايبليٽي ٽرسٽ فار مڊل انڪم ڪنٽريز سميت سمورن آپشنز تي کلي ڳالهه ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ زراعت جو شعبو بري طرح متاثر ٿيو آهي، ايندڙ سال ڪيترائي ملين ٽن ڪڻڪ گهرائي سگهون ٿا. ان صورتحال جي روشني ۾ پاڪستان آءِ ايم ايف جي هنگامي “فوڊ شاڪ” جي سهولت مان فائدي لاءِ رابطو ڪري سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button