رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ: زمبابوي 31 رنسن تان آئرلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي چوٿين ميچ ۾ آئرلينڊ کي 31 رنسن تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق زمبابوي جي ٽيم 7 وڪيٽن تي 174 رنسون ٺاهي آئرلينڊ کي هدف ڏنو، جنهن ۾ سڪندر رضا جي 5 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 82 رنسون ٺاهيون آهن. جڏهن تھ آئرلينڊ جي بالرن مان جوشوئا لٽل 3، مارڪ ادير ۽ سمي سنگهه 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن. جڏهن تھ آئرلينڊ جي بيٽرن مان ڪرٽس ڪيمفر 27، جارج ڊوڪريل ۽ گاريٿ ڊيليني 24، 24 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. بالرن ۾ بليسي مزارباني 3 شڪار ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button