پاڪستانسنڌ

حڪومت ۾ ھجان ھا ته ماڻھن کي ھٿ سان نه ٻوڙايان ھا: لياقت جتوئي

راڌڻ: اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آ جي مرڪزي اڳواڻ لياقت علي جتوئي ۽ صداقت جتوئي پيارو ڳوٺ اسٽيشن لڳ ڳوٺ سچارو ۾ محمد نواز برھماڻي ۾ چانھن پارٽي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺ جبيرجي جي سچل چانڊئو پ پ کي الوداع ڪري لياقت علي خان جتوئي تي اعتماد ڪندي پي ٽي آ ۾ شموليت ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آ اڳواڻ ضلعي صدر سردار عاشق زئٔور، جنرل سيڪريٽري نياز ٻرڙو، ڪبير خان جتوئي، حاجي عبدالطيف آرائين، رئٔيس عرس شاھاڻي، عابد ملاح ۽ ٻيا موجود هئا.

ميڊيا سان ڳالهائيندي لياقت جتوئي چيو ته 16 سالن کان حڪومت جا نمائٔندا ڪٿي آهن ۽ پيسا ڪمائٔڻ خاطر ھٿ سان سنڌ ۽ ڪي اين شاهه ٻوڙائي ٻوڏ متاثرن کي بي يار مددگار ڇڏي گم ٿي ويا آهن، جيڪو ڪجهه مون کان ٿي سگھيو آهي مون ڪيو آهي، عمران خان ۽ عمران رياض جي مھرباني آهي، جن جو مان شڪرگذار آھيان، جن امدادي سامان موڪليو ته مان ٻوڏ متاثرن ۾ ورھايو مان حڪومت ۾ ھجان ھا ته ماڻھن کي ھٿ سان نه ٻوڙايان ھا، مان ڏسان ھا ته ڪنهن ۾ ھمت آهي جو ھنن کي ٻوڙين ھا، 2007 جي ٻوڏ ۾ مان سمورو ٻوڏ جو پاڻي ڪڍرايو، 25-25 ھزار رپيا ٻوڏ متاثرن ۾ ورھايا، راشن ايترو ورھايو جو ماڻھن راشن وٺڻ کان انڪار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button