پاڪستانسنڌ

سنڌو نواز گهانگهرو جي ڪار چوري خلاف ميهڙ ۾ احتجاجي ڌرڻو

ميهڙ/راڌڻ: سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو جي ميهڙ مان دوائن سميت چوري ٿيل ڪار واپس نه ٿيڻ خلاف ميهڙ ۾ سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ ايس يو پي جي حاجي خان، شهري اتحاد جي نياز ٻرڙو، ايڊووڪيٽ عابد ڪلهوڙو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته دوائن سميت چوري ٿيل ڪار کي 20 ڏينهن کان وڌيڪ گذري ويا آهن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، ميهڙ ۽ دادو پوليس اگهور ننڊ پيل آهي، هتي ماڻهن جي جان ۽ مال محفوظ نه آهي. ان موقعي تي ايس ايڇ او ميهڙ پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون ۽ 3 ڏينهن ۾ گاڏي واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button