پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ پي پي ايڇ آءِ انچارج ڊاڪٽر خلاف احتجاجي مظاهرو

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت جي صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن 41 هين ڏينهن به پي پي ايڇ آءِ انچارج ڊاڪٽر نعيم مهيسر جي ناجائزين خلاف علامتي بُک هڙتال جاري رکندي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي.

ان موقعي تي زخمي ملاح، ذوالفي کوکر، غلام شبير منگي، انعام کوسو، صدام چانڊيو، گلاب ڳن ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر جو مريضن سان اڍنگو رويو آهي، جيڪو مريضن جو علاج ڪرڻ ۽ بيمار مريضن کي تپاسڻ بدران کين دڙڪا ۽ ڇڙٻون ڏئي نفرت منجهان موٽائي ڇڏي ٿو، جيڪو عمل سراسر غلط ۽ مذمت جوڳو آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيستائين ڊاڪٽر نه هٽايو ويندو تيستائين پرامن احتجاج جاري رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button