پاڪستانسنڌ

سن هيلٿ سينٽر ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ مبينا ڪرپشن خلاف ڌرڻو

سن: سن هيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽرن، دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ ۽ مبينا ڪرپشن خلاف رهواسين اسپتال جي مک دروازي آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. خبر موجب سن شھر جي هيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽرن، دوائن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ ۽ مبينا ڪرپشن خلاف شھرين سائين جي ايم سيد چوڪ کان ريلي ڪڍي هيلٿ سينٽر سن جي مک دروازي آڏو 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي شھرين انور علي مڱڻھار، عنايت الله شاهاڻي، تراب علي شاهه، شھمير ملاح ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سن ۽ آسپاس جي 50 هزار کان وڌيڪ آبادي هئڻ باوجود هيلٿ سينٽر ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي شديد کوٽ آھي، ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب حاملا عورتن کي سخت مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، صحت سينٽر ۾ مبينا ڪرپشن ۽ انتظامي نااهلي سبب شگر هيپاٽائيٽس مليريا جون ٽيسٽون نٿيون ڪيون وڃن، جڏھن ته ايڪسري جو به انتظام ناهي ڪيو ويو، مقرر ڊاڪٽر ۽ عملو به پابندي سان ڊيوٽي نٿو ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button