سنڌ

بخشاپور ويجهو ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو، نوجوان قتل

بخشاپور ويجهو ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ ڪري نوجوان ٿڏي تي قتل ٿي ويو. بخشاپور ويجهو ڳوٺ بگن ڀٽو ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان هٿياربندن 20 ورهين جو داد محمد عرف (عجن) پٽ گل حسن ڀٽو کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي مياڻي ٿاڻي کڻائي آئي، جتي ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش پوسٽ مارٽم لا بخشاپور اسپتال آندو ويو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي مياڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته ليٽر ڏئي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لا اسپتال نيو ويو آھي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد قتل جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. رابطو ڪرڻ تي مقتول نوجوان جي پي گل حسن ڀٽو ٻڌايو ته ڪارنھن تڪرار وارو مسئلو ڪافي وقت اڳ حل ٿي ويو ھو، اڄ منھنجي پٽ کي جوابدار شوڪت ڀٽو ناحق قتل ڪيو آھي، منھنجو پٽ سارين جي سٽ ڪرڻ لا ويو ھو، جيڪو سٽ ڪري واپس اچي پيو ته رستي ۾ ڳنڊير شاخ وٽ تاڙ ۾ ويٺل جوابدارن پٽ کي ڪلاشڪوف جا برسٽ ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. منھنجي ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل آھي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button