رانديون

ڪريم بينزما ۽ ايلگزيا سال جي بهترين فٽبالر جو ايوارڊ کٽي ورتو

فٽبال ڪلب ريال ميڊرڊ جي فرينچ فٽبالر ڪريم بينزما ۽ اسپين جي ويمن فٽبالر ايلگزيا پيوٽيلس سال جي بهترين فٽبالر طور بيلن ڊي اور ايوارڊ کٽي ورتو آهي. ميڊيا مطابق فرانس فٽبال تنظيم مرد ۽ عورت جي ڪيٽيگرين ۾ بيلن ڊي اور 2022ع ايوارڊ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪريم بينزما کي لاليگا ۽ چيمپيئنز ٽرافي کٽرائڻ تي ايوارڊ ڏنو ويو. جڏهن تھ عورت ڪيٽيگري ۾ ايلگزيا پيوٽيلس کي يورپي چمپيئن شپ ۾ فاتح ٽيم کي شڪست ڏيارڻ تي اهم ايوارڊ ڏنو ويو آهي. ڪريم بينزما 1998ع بعد هي ايوارڊ کٽيندڙ پهريون ۽ 5 فرينچ فٽبالر آهي. هوڏانهن ايلگزيا پيوٽيلس ٻيو ڀيرو هي ايوارڊ کٽيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button