رانديون

سريلنڪا ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ يو اي اي کي شڪست ڏئي ڇڏي

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي جاري ايونٽ ۾ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم گڏيل عرب امارتن جي ٽيم کي شڪست ڏئي پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا جي ٽيم مان ڇيٿم نشانڪا 74 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي، ڌننجيا ڊي سلوا 33 رنسن سان نمايان رهيو. يو اي اي جي سڄي ٽيم 73 رنسن تي آئوٽ ٿي 79 رنسن تان شڪست کائي وئي آهي، بيٽرن مان آيان افضل خان 19 رنسن سان نمايان رهيو. سريلنڪا جي بالرن دشمنٿا چميرا ۽ ونينڌو هسارنگا 3،3 ۽ مهيش ٺڪشانا 2 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button