رانديون

ايشيا ڪپ 2023ع: ڀارت ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال رٿيل ون ڊي ايشيا ڪپ ۾ شرڪت خاطر ٽيم کي پاڪستان موڪلن کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق بي سي سي آئي جي سيڪريٽري جي شاهه بورڊ جي اجلاس بعد پنهنجي ٽيم کي ون ڊي جو ايونٽ لا پاڪستان نھ موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي. جئي شاهه جو چوڻ آهي تھ ايندڙ سال ايشيا ڪپ کيڏڻ جي ڏس ۾ ڀارتي ٽيم پاڪستان نھ ويندي، ايونٽ نيوٽرل جڳهه تي ڪرايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي تھ ايشيا ڪپ جي ميزباني پاڪستان وٽ هجڻ ڪري ايونٽ هتي ٿيڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، تنهنڪري متبادل طور يو اي اي آهي، جتي ايونٽ نھ ٿيڻ جي صورت ۾ بنگلاديش بھ متادل جڳهه طور هوندو. ذريعن اهو پڻ ٻڌايو تھ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو صدر بھ جئي شاهه هجڻ سبب سندس وڏي اعلان سان هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ وڌي وئي، ڇوتھ ان کان اڳ اهي امڪان هئا تھ ڀارت ٽيم کي پاڪستان موڪليندو. ذريعن موجب جئي شاهه پاڻمرادو ئي فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا آهن ۽ هن اي سي سي جو اجلاس سڏائي ڪنهن سان مشورو بھ نھ ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button