پاڪستانسنڌ

جهنڊو مري ۾ هائر سيڪنڊري اسڪول سهولتن کان محروم

عثمان شاھه ھڙي: جهنڊو مري ۾ تاريخي حيثيت رکندڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول بهار خان ميرجت جديد دور ۾ بنيادي سهولتن کان محروم آهي، ڄاڻايل اسڪول ۾ تعليم کاتي جي عملدارن جي لاپرواهي سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين لا فرنيچر، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ ليبارٽري سميت ڪي سهولت ناهي. شاگردن ۽ استادن ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته اسڪول ۾ 800 کان هڪ هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪن پيون، پر تعليم کاتي جي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب اسڪول ۾ ڪا سهولت ناهي، اسڪول زبون ٿي ويو آهي، برساتن سبب وڏو نقصان پيو آهي، پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهي، اسڪول جي چوديواري ۽ ڇتن ۾ ڏار پئجي ويا آهن. هنن صوبائي وزير ضيا عباس شاھه، ايم اين اي ذوالفقار بچاڻي ۽ ڊي سي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪول جي بنيادي مسئلن کي حل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button