پاڪستانسنڌ

ڏاهلي ۾ ٻن ٻارن جي ما جو ٽانڪي مان لاش مليو

ڇاڇرو: ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ڪنڙي ۾ ٻن ٻارن جي ما نوجوان عورت امينت زال مختيار راهمون جو لاش پاڻي جي ٽانڪي مان مليو، وارثن جي اطلاع تي کيمي جو پار پوليس پھتي ۽ لاش کڻائي کينسر اسپتال منتقل ڪيو. ان سلسلي ۾ کيمي جو پار پوليس ٻڌايو ته وارثن ٻڌايو آهي ته ناري جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو، جنهن جي ڪري هن آپگهات ڪيو آهي، اهڙي ڪا به ميڊيڪل رپورٽ پيش نه ڪئي آهي، اسان جي پهچڻ کان اڳ لاش پاڻي جي ٽانڪي مان ڪڍيو ويو هو، وارث وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ٿاڻي تي نه پهتا آهن. ٻئي پاسي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. علائقي ۾ چوٻول آهن ته گهرو اڻبڻت تان ناري آپگهات ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button