پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ بااثر ماڻهن ۽ پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

راڌڻ: راڌڻ ويجهو ڪچي جي علائٔقي ڀنڊ ماڙي لڳ ڳوٺ جمع ڀرٽ ۽ مور ڀرٽ جي ڳوٺاڻن سڪندر ڀرٽ، ممتاز، جمن، مور، محرم، وزير، رشيدان، صغران ۽ ٻين علائقي جي بااثر وڏيرن حاجي امام علي ڀرٽ، رفيق ڀرٽ، سليم، فياض، رياض، توفيق ۽ عتيق خلاف احتجاج ڪيو. هنن الزام هڻندي چيو آهي ته اسان جو ڄاڻايل ماڻهن سان زمين جو تڪرار هلندڙ آهي، جيڪي اي ايس آئي مختيار بالادي ذريعي دٻا وجهي رهيا آهن ۽ ڏاڍن مڙسن عبدالحڪيم عرف تڪي ڀرٽ ۽ سعيد ڀرٽ هٿان اسان جي گهرن مٿان 3 ڏينهن اڳ فائرنگ ڪرائي نوجوان اياز علي ڀرٽ کي زخمي ڪرايو، جيڪو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال ۾ داخل آهي. هنن چيو ته واقعي کانپو پوليس ڪوبه ڪيس داخل نه پئي ڪري، الٽو پوليس اسان مٿان ڊيوٽي اٽڪا جو ڪيس داخل ڪيو آهي. هنن چيو ته جوابدار ڌر ايم اين اي رفيق جمالي جو فيصلو پڻ نه پئي مڃي، اسان کي جوابدارن مان جان جو خطرو آهي. هنن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button