پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ زمينن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، آبادگار پريشان

راڌڻ: راڌڻ ۾ يوسي ڪولاچي جي ڳوٺ مصري کوسو ۾ برساتن کي 2 مهينا گذرڻ باوجود برساتي ۽ ٻوڏ وارو پاڻي اڃا تائين بيٺل آهي، پر ڊي سي دادو سميت اختيارين نوٽيس ناهي ورتو. ان سلسلي ۾ ڳوٺ مصري کوسي جي آبادگار ڳوٺاڻن محمد صفر کوسو، معشوق علي کوسو، قربان کوسو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته اسان لکين رپيا خرچ ڪري ساريالو فصل پوکيو، جيڪو ٻوڏ ۾ تباهھ ٿي ويو، ھاڻ اسان جو مطالبو آھي ته ھڪ ھفتي اندر اسان جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ته جئين اسان ڪڻڪ ۽ ٻيو فصل وقت تي پوکي ڪري سگھون ۽ اسان پنھنجا ڳوٺ آباد ڪريون. هنن چيو ته پاڻي جلد نيڪال نه ٿيو ته ايندڙ چيٽ جو فصل به نه ٿي سگھندو ۽ اسان جا ٻار بکون ڪاٽيندا. هنن چيو ته دادو ضلعي جي نااھل انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ڪابه دلچسپي نٿي وٺي. بااثر سياستدانن پنھنجا فصل ۽ فش فارم بچائٔڻ لا ھٿ سان بندن، واھن ۽ ڪئنالن کي ڪٽ ڏئي ضلعو ٻوڙي تباهھ ڪيو. ھنن سنڌ ھائي ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته زمينن مان بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button