پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ راشن نه ملڻ خلاف ٻوڏ متاثرن جو مظاهرو

فريدآباد: فريدآباد ۾ ڳوٺ رسول بخش چانڊيو جي برسات متاثر ڳوٺاڻن راشن نه ملڻ خلاف علي چانڊيو، نادر علي چانڊيو، درمحمد چانڊيو، صدام چانڊيو، دين محمد چانڊيو، مختيار چانڊيو، محب ڇٽو، غلام ۽ مصطفى چانڊيو جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته بااثر گلشير چانڊيو راشن ۽ ٽينٽ پنهنجن من پسند ماڻهن کي ڏئي رهيو آهي، برساتن ۽ ٻوڏ ۾ اسان جا گھر ڊھي پيا، ڪجهه به ناھي بچيو، اسان کائڻ ۽ پيئڻ لا پريشان آھيون، پر اسان جي مدد نٿي ڪئي وڃي. اسان کي راشن، خيما ۽ ٻيو سامان ڏيڻ بدران من پسندن کي ڏئي ظلم ڪيو پيو وڃي. ھنن اعليٰ اختيارين کان گھر ڪئي ته راشن ۽ ٽينٽ ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button