رانديون

آئرلينڊ 2 ڀيرا چيمپيئن ويسٽ انڊيز کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ مان ڪڍي ڇڏيو، سپر 12 ۾ جڳهه پڪي

آئرلينڊ ٻھ ڀيرا چيمپيئن رهندڙ ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي ٽي 20 ورلڊ ڪپ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي 11هين ڪواليفائنگ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي آئرلينڊ جي ٽيم 9 وڪيٽن تان آساني سان شڪست ڏني آهي، ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جا بيٽر 5 وڪيٽن تي 146 رنسون ٺاهي سگهيا، جن ۾ برينڊن ڪنگ هڪ ڇڪي ۽ 6 چوڪن سان 62 رنسون ٺاهيون، جيڪي ضايع ٿي ويون. جڏهن تھ جانسن چارلس 24، ايون ليوس، نڪولس پوران 13،13 ۽ اوڊين سمٿ 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. آئرلينڊ جي بالرن ۾ گيرٿ ڊيلني 3، بيري مڪ ڪارٿي ۽ سمي سنگهه هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي، بيٽرن ۾  پال اسٽرلنگ 66 ۽ ٽڪر 45 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي ٽيم کي ميچ کٽائي ورتي، ڪپتان بالبرني 37 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو. ويسٽ انڊيز جي عقل حسين ئي هڪ وڪيٽ وٺي سگهيو آهي. آئرلينڊ جي گيرٿ ڊيلني کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن تھ اهم ميچ کٽي آئرلينڊ سپر 12 مرحلي ۾ پنهنجي جڳهه پڪي ڪري ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button