سنڌ

قبو سعيد خان ويجهو جهل مگسي ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان نوجوان قتل

قبو سعيد خان ويجهو جهل مگسي جي علائقي ڪوٽ مگسي ليويز ٿاڻي جي حد ۾ مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. خبر موجب جھل مگسي جي علائقي ڪوٽ مگسي ۾ ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن جي پراڻي تڪرار تان برادري جي ماڻهن 29 ورهين جي سڪندر علي پٽ لطف مگسي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. وارثن موجب مقتول شهداڪوٽ کان پنهنجي گهر ڪوٽ مگسي اچي رهيو هو ته رستي ۾ تاڙ ۾ بيٺل پنهنجي ئي قبيلي جي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي ڪوٽ مگسي ٿاڻي جي ليويز پوليس مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. مقتول جو لاش پھچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو. رابطو ڪرڻ تي ليويز انتظاميا ٻڌايو ته بجيراڻي مگسي قبيلي جي ٻنهي ڌرين جو پاڻ ۾ پراڻُ ڪارنهن جو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان هي واقعو پيش آيو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button