سنڌ

دوداپور ۾ اڳوڻي ايم پي اي جو ڀائيٽو قتل

دوداپور ويجهو هٿياربندن گوليون هڻي اڳوڻي ايم پي اي سردار آغا غلام علي خان بليدي جي ڀائيٽي کي قتل ڪري ڇڏيو. دوداپور ٿاڻي جي حد تاجا شاخ ڀرسان تاڙ ۾ لڪي ويٺل هٿياربندن گاڏي تي پنهجي زمين ڏانھن ويندڙ اڳوڻي ايم پي اي سردار آغا غلام علي بليدي جي ڀائيٽي مير اسلم خان بليدي تي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب هو شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ جيڪب آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان طبي امداد بعد لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي جي اطلاع تي بليدي برادري جي هٿياربندن حملي آورن جو پيڇو ڪيو پر هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. دوداپور پوليس جو چوڻ آھي ته اطلاع ملڻ تي دوداپور ۽ ڀرپاسي مختلف علائقن جي ناڪابندي ڪئي پر جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، وارثن جي اچڻ بعد ئي ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻئي طرف مقتول جي سئوٽ مير عبدالرحمٰن خان بليدي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سئوٽ جيڪب آباد کان گاڏي تي دوداپور ويجهو ڳوٺ امير آباد بليدي ۾ زمين گهمڻ وڃي رهيو هو ته نامعلوم هٿياربندن حملو ڪري کيس قتل ڪيو آھي، سندس ڪنهن سان ڪا دشمني نہ هئي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. نوجوان جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button