سنڌ

اين ٽي ايس پاس اميدوارن جا مظاهرا،تحريڪ جي اڳواڻ پاران ساڙڻ جو اعلان

اين ٽي ايس پاس 2013ع جي اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف مختلف سهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، اين ٽي ايس تحريڪ جي اڳواڻ حبيب سنڌي 27 آڪٽوبر تي حقن خاطر ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ اين ٽي ايس پاس 2013ع جي اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. ان سلسلي ۾ سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جو دڙو جي مکيه گيٽ اڳيان اميدوارن اعجاز علي جهتيال، سجاد علي منگي، شڪيل احمد ٻگهيو، محمد قاسم جهتيال ۽ الطاف منگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ماتلي ۾ اميدوارن مشتاق ميمڻ، نعمان شيخ، عابد حسين نظاماڻي، منصور لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ٽنڊي باگي ۾ ماجد رستماڻي ۽ آفتاب حسين رند جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. رتوديرو ۾ اين ٽي ايس تحريڪ جي سربراهه حبيب سنڌي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب رتوديرو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اين ٽي ايس تحريڪ جي اڳواڻ حبيب سنڌي اعلان ڪندي سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي کي چتا ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اين ٽي پاس اميدوارن کي آرڊر نه ڏنا ويا ته 27 آڪٽوبر تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پاڻ کي باهه ڏيئي ساري ڇڏيندس، جنهن جي ذميواري سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري تي هوندي. ان موقعي تي اين ٽي ايس 2013ع پاس اميدوار استادن جو چوڻ ھو ته سنڌ حڪومت ۽ سيڪريٽري تعليم اسان کي ڪوڙا ۽ ٺلا آسرا ڏئي اسان کي آفر آرڊر نٿا ڏنا وڃن. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه، تعليم جو صوبائي وزير سردار شاههه، سيڪريٽري تعليم کي اپيل ڪئي ته اسان کي جلد آفر آرڊر ڏئي بي چيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button