سنڌ

قمبر ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس جي ڏاڍ خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر جي ڳوٺ گهٽهڙ جي رهواسين صدر پوليس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد پناهه ٻرڙو، بشير احمد، اقبال ٻرڙو، زاهد حسين بليدي، خليل احمد ٻرڙو، سجاد ٻرڙو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ صدر پوليس بنا جواز اسان جي نوجوانن شبير ٻرڙو، بابر علي ٻرڙو ۽ راجا بليدي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو سراسر ظلم آهي. صدر پوليس لکين رپيا رشوت طلب ڪئي نه ڏيڻ تي نوجوانن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته گم ٿيل انتهائي بيمار آهن جيڪڏهن اسان جي گم ٿيل ماڻهن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار صدر ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ پوليس اهلڪار هوندا. هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بنا جواز کنڀي گم ڪيل نوجوان کي آزاد ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button