سنڌ

باقراڻي ۾ پوليس جي چڙهائي ۽ نوجوان کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

باقراڻي جي ڳوٺ مڏباھو جي رهواسي ڳوٺاڻن پريس ڪلب اڳيان لاڙڪاڻي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن محمد شريف چانڊيو، محمد ابراهيم چانڊيو، اسلم چانڊيو، راشد چانڊيو، ياسين چانڊيو، عبدالرحمن چانڊيو، جميلا خاتون، وڪيلا، رفيعه خاتون ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل رات دير سان لاڙڪاڻي دڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او دلي جان مگسي پوليس ساڻ ڪري گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪري گهر ۾ پيل نياڻين جو ڏاج، سونا زيور، 25 لک روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦرلٽ ڪري کڻي ويو. جڏهن ته اسان جي نوجوان تنوير چانڊيو کي پڻ تشدد ڪري کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي. پوليس نوجوان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ پوليس مقابلي ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي. ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان، آ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي ڪنهن فرض شناس آفيسر کان جاچ ڪرائي گهر مان ڦرلٽ ڪيل سامان واپس ڪرائي بيگناهه کنڀي گم ڪيل نوجوان تنوير چانڊيو کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ملوث پوليس آفيسر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button