سنڌ

قمبر ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف ڊي سي آفيس اڳيان مظاهرو

قمبر جي مختلف ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو واهر نه ٿيڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ٻوڏ متاثر همايون خان مغيري، علي محمد کوسو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل راشن ٽينٽ ۽ ٻيو سامان علائقي جي وڏيرن، يونين ڪائونسل جي چيئرمين ۽ من پسند ماڻهن کي ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪو به سامان مٿان اچي ٿو ته اهو پاڻ ۾ ناني ويڙھو ڪري ورهائي ڇڏين ٿا، جڏهن ته بي پهچ ۽ غريب ماڻهو ساڳئي سورن ۾ آهن. هنن چيو ته ٻوڏ کان پوءِ اسان جا ٻچا بک وگهي مري رهيا آهن، ٻوڏ دوران گهر، چوپايو مال ۽ فصل ختم ٿي ويا آهن. ٻئي طرف سفارشي وڏيرا ٻوڏ متاثرن جو حق ڦٻائي ويا آهن ڊي سي اڳيان احتجاج ڪيو پر ڪو ٻڌڻ وارو ناهي. خدارا اسان واهر ڪري زندگيون بچايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button