سنڌ

موهن جو دڙو تي قائم هينڊي ڪرافٽ شاپ ملازمن جو احتجاج

سنڌ سمال انڊسٽريز پاران سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جو دڙو تي قائم هينڊي ڪرافٽ شاپ جي ملازمن جون بنا جواز 2 مهينن جون پگهارون بند ڪرڻ خلاف اياز علي شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ ملازمن مطالبن جي مڃتا لا احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اياز علي شاهاڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ ملازمن جي حاضري چيڪ ڪرڻ لا بايو ميٽرڪ ڪرڻ سان گڏ روزانو اعليٰ عملدارن کي واٽس ايپ تي فزيڪل رپورٽ موڪليندا آهيون پر ان باوجود عملدارن غير حاضري ڄاڻائي سندن 2 مهينن جون پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن. هنن ملازمن بلاول ڀٽو، صوبائي وزير اڪرام الله ڌاريجو ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته اسان کي جلد پگهارون ڏياريون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button