سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ماءَ جو پٽ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي ذوالفقار باغ واري علائقي جي رهواسڻ پيرسن بيواهه عورت پنهنجي پٽ سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي 12 سيپٽمبر تي ڪراچي مان مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان پٽ جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن بيواهھ عورت هير خاتون زال مرحوم فيض محمد بليدي پٽ مختيار سان گڏجي دانهيندي چيو ته منهنجو 20 ورهين جو نوجوان پٽ مجاهد علي بليدي هڪ سال کان وٺي ڪراچي جوهر اسڪوائر واري علائقي ۾ درزڪو پورهيو ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو هو، جنهن کي 12 سيپٽمبر تي سول ڪپڙا پهريل نامعلوم اهلڪار دڪان تان کنڀي کڻي ويا آهن، اهڙو اطلاع اسان کي اتان جي دڪاندارن فون تي ڏنو آهي. هن چيو ته پٽ مجاهد بليدي جو واسطو ڪنهن سياسي جماعت سان ناهي ۽ نه ئي وري هن مٿان ڪو ڪيس وغيره داخل آهي، جيڪو گهر کان پري رهي گهرڀاتين لاءِ پورهيو ڪندو آهي، جنهن کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آرمي چيف سميت اعلى اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پٽ کي آزاد ڪرائي پريشاني ختم ڪري انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button