سنڌ

ڪرپشن ڪيس ۾ چيف ميونسپل آفيسر شهدادڪوٽ جيل حوالي

لاڙڪاڻي ۾ اينٽي ڪرپشن هٿان هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪيس ۾ گذريل رات گرفتار ٿيل اشتهاري چيف ميونسپل آفيسر شهدادڪوٽ ۽ ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي ٽي ايم او ارشاد احمد هليو کي اينٽي ڪرپشن جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت کيس جيل اماڻي ڇڏيو. واضح رهي ته گذريل رات اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر هدايت الله چنا پنهنجي ٽيم سان گڏجي ڪنگا ٿاڻي جي حد ميرو خان روڊ تي ڪارروائي ڪري ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري ۾ هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ڪرپشن ۾ اشتهاري ڄاڻايل چيف ميونسپل آفيسر شهدادڪوٽ ۽ ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي ٽي ايم او ارشاد احمد هليو کي گرفتار ڪيو ھو. هوڏانهن عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد چيف ميونسپل آفيسر شهدادڪوٽ ۽ ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي ٽي ايم او ارشاد احمد هليو کي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button