سنڌ

ڊاڪٽرن ۽ عملي جو بائيڪاٽ،مظاهرا

سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي ملازمن وچ ۾ ڪووڊ رسڪ الائونس جي بحالي تي ڊيڊ لاڪ برقرار، ملازمن چوٿين ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري مظاهرا ڪيا. احتجاج سبب لکين مريض دربدر ٿي ويا. ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته سنڌ جا سمورا ڊاڪٽر، پيراميڊڪ ملازم، ايل ايڇ ڊبيلوز هميشه سڀني وبائن ۾ فرنٽ لائين تي ڊيوٽي ڪندا آهن ۽ خاص طور تي ڪرونا وبا دوران اسان جا ڪيترائي ڊاڪٽر ۽ پيراميڊڪ ملازم ڊيوٽي ڪندي شهيد ٿي ويا. صحت کاتي جي ملازمن توڙي ايل ايڇ ڊبيلوز جون حياتيون هر وقت رسڪ تي هونديون آهن ۽ انهن جو هيلٿ رسڪ الائونس بند ڪرڻ زيادتي ۽ ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور هيلٿ رسڪ الائونس سميت ٽائيم اسڪيل ۽ سروس اسٽرڪچر ڏئي پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button