سنڌ

حيدرآباد ۾ گهريلو ملازم عورتن جي حقن لا احتجاجي ريلي

هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن پاران انٽرنيشنل هوم بيسڊ ورڪرز ڊي جي موقعي تي شڪيلا خان، جميلا عبدالطيف، شاهده خالد ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ريلي ڪڍي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 2000ع ۾ کٽمنڊو ڪانفرنس ۾ هڪ يادداشت نامي جي منظوري ڏني وئي هئي، جنهن تحت دنيا جا سمورا ملڪ پنهنجي ملڪن ۾ گهريلو مزدورن کي شناخت ڏيڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جا پابند آهن پر اڄ ڏينهن تائين دنيا جي 260ملين گهريلو مزدور جن مان 86 سيڪڙو مزدور ترقي پسند ملڪن سان وابسطا آهن، اهي پنهنجي حقن کان محروم آهن. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي سڀ کان پهرين هوم بيسڊ ورڪرز ايڪٽ پاس ڪيو پر 4 سال گذرڻ باوجود ان تي قانونسازي نه ٿي سگهي آهي. هنن چيو ته هڪ سال اڳ ليبرکاتي حيدرآباد کي هڪ هزار گهريلو مزدور عورتن جي لسٽ ڏني وئي پر ان جي ڪنهن به قسم جي ڇنڊڇاڻ وارو عمل شروع نه ڪيو ويو آهي، جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ ليبر کاتو گهرو مزدور عورتن سان ڪيترا سچا آهن ۽ کٽمنڊو ڊڪليئريشن تي ڪيترو عمل ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button