پاڪستان

مفروضن تي حڪم نه ڏبو، سپريم ڪورٽ جو لانگ مارچ خلاف اڳواٽ ڪارروائي کان انڪار

سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ خلاف اڳواٽ ڪو به عبوري حڪم جاري ڪرڻ کان انڪار ڪندي حڪومتي درخواست رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته مفروضن جي بنياد تي عبوري حڪم نٿا ڏئي سگهون، رياست پنهنجي ذميواري پوري ڪري، جيڪڏهن ڪنهن به پاسي کان قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته ان صورت ۾ اسان ئي مداخلت ڪنداسين ۽ ضرورت پئي ته موڪل واري ڏينهن به پهچي وينداسين. سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان خلاف آزادي مارچ جي حوالي سان عدالتي حڪم جي مبينا ڀڃڪڙي تي وفاقي حڪومت طرفان داخل ڪيل توهين عدالت درخواست تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ شنوائي ڪئي، لارجر بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي شامل هئا. شنوائي دوران اٽارني جنرل اشتر اوصاف چيو ته گهرو وزارت عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست ڏني آهي، عمران خان اسلام آباد تي ڪاهه کي جهاد قرار ڏئي رهيو آهي، هو تعليمي ادارن ۾ وڃي شاگردن کي اڪسائي رهيو آهي، رياست جي ذميواري آهي ته ماڻهن جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪري. چيف جسٽس چيو توهان چئي رهيا آهيو ته عدالت کي ڪرايل خاطري جي ڀڃڪڙي ٿي؟ توهان چئي رهيا آهيو ته ٻيهر لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جو پلان آهي، توهان قانون موجب صورتحال کي منهن ڏئي سگهو ٿا، آئين ۽ قانون موجب قدم کڻڻ انتظاميا جي ذميواري آهي، انتظاميا پنهنجو پاڻ کي صورتحال لاءِ مڪمل تيار رکي، جڏهن ڪنهن به پاسي کان قانون جي ڀڃڪڙي ٿيندي ته اسان مداخلت ڪنداسين. چيف جسٽس چيو ته جڏهن به اسان جي مداخلت جي ضرورت پئي ته موڪل ڏينهن به پهچي وينداسين، اسان جو ڪم توازن برقرار رکڻ آهي، جڏهن ته احتجاج جو حق به مشروط آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي ليڊر اسان جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا. عدالت اٽارني جنرل کي عمران خان جي اڳوڻي احتجاج بابت عدالتي حڪم تي ڳجهين ايجنسين جون جمع ڪرايل رپورٽون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت طرفان عمران خان خلاف عبوري حڪم جاري ڪرڻ جي اپيل رد ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button