پاڪستان

هائيڪورٽ افغان پناهگيرن کي پاڪستاني شهريت سان نوازڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا آهن ته آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جيان اسان جو قانون به ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ هر ٻار کي شهريت ڏيڻ جو پابند آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله افغان پناهگير خاندان جي پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار کي شهريت ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. 24 ورهين جي فضل حق جي وڪيل عمر اعجاز گيلاني عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته منهنجي اصيل 24 سال پاڪستان ۾ بنا ڪنهن شهريت جي گذاريا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آمريڪا ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جيان اسان جو قانون به ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ هر ٻار کي شهريت ڏيڻ جو پابند آهي، پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ ڪو به ٻار پاڪستاني شهري بڻجي ويندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٻار کي رڳو ڄم واري سرٽيفڪيٽ جي ضرورت هوندي. ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت کي نوجوان کي شهريت ڏيڻ لاءِ قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. گهرو وزارت جي وڪيل عدالت جي روبرو خاطري ڪرائي ته پيدائشي سرٽيفڪيٽ جي تصديق تي فيصلو ڪيو ويندو. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته گهرو وزارت قانوني ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button