پاڪستان

جسٽس اطهر من الله کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ان سلسلي ۾ سومر تي جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيندو. ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ جسٽس اطهر من الله ۽ ٻين ججن جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي تجويز تي غور ٿيندو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد وحيد ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سيد اظهر حسن رضوي کي به سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي. ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال انهن ججن جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي تجويز ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button