پاڪستان

4 سال هٿ به نه ملائيندڙ شخص هاڻ منٿون پيو ڪري ته ڳالهايو: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن جي ذهن ۾ زهر ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن شخص 4 سال اسان سان هٿ نه ملايو اهو هاڻ منٿون پيو ڪري ته ڳالهيون ڪريو، ڏينهن رات چور ڌاڙيل وارو رينگٽ بند ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ يوٿ پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان تي الزام لڳائي اسان جي مائرن ۽ ڀينرن کي عدالتن ۾ گهليو ويو پر عدالتن اسان کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي، توهان چور ۽ ڌاڙيل جو راڳ ڳائيندا رهيا، ٻڌايو ته توهان کي ڇا مليو، هاڻي اهو رينگٽ بند ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نواز ليگ جي حڪومت ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ليپ ٽاپ ڏيڻ واري اسڪيم کي رشوت قرار ڏنو ويو، جيڪڏهن نوجوانن کي ليپ ٽاپ نه ڏيون ها ته ڇا بندوق ڏيون ها، نوجوانن جي ذهن ۾ زهر ڀرڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيندي، معاشري ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ ۽ زهر ڀرڻ افسوس جوڳو عمل آهي. شهباز شريف تحريڪ انصاف چيئرمين جو نالو کڻڻ بنا چيو ته اوهان قوم کي ورهائي ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪو به حد ۽ حساب ناهي، قومون ائين ناهن ٺهنديون، چار سال اسان سان هٿ نه ملايو ۽ هاڻ چوي ٿو ته اسان سان اچي ڳالهيون ڪريو، قومي مفاد کي سامهون رکندي هر قرباني ڏيڻ لا تيار آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button