پاڪستان

عمران خان خلاف توشا خانا ريفرنس جو فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو، اليڪشن ڪميشن جو اعلان

اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف توشا خانا ريفرنس جو فيصلو اڄ جمع تي ٻڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ درخواستگذارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ آگاهي ڏني وئي آهي ته توشا خانا ريفرنس جو فيصلو 21 آڪٽوبر تي (اڄ) منجهند 2 وڳي ٻڌايو ويندو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب توشا خانا ڪيس جي فيصلي جي حوالي سان لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ڌرين کي چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ شنوائي جي موقعي تي ذاتي طور تي يا پنهنجي وڪيل جي ذريعي مقرر وقت تي پيش ٿين. اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف توشا خانا ريفرنس ڪيس جي فيصلي واري ڏينهن هنگامي بنيادن تي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لا خط پڻ لکي ڇڏيو آهي. آ جي اسلام آباد پوليس جي نالي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ شنوائي دوران ڪميشن جي اندر ۽ چوطرف فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، اها شنوائي صبح جو 10 وڳي شروع ٿيندي. آ جي اسلام آباد کي ٻڌايو ويو ته درخواستگذار ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، ان دوران ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لا سڄو ڏينهن اليڪشن ڪميشن جي عمارت اندر ۽ ٻاهران سادي لباس ۾ 2 اهلڪار ۽ هڪ ٽريفڪ وارڊن مقرر ڪري فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ۽ ان معاملي کي انتهائي هنگامي بنياد تي ورتو وڃي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف داخل توشا خانا ريفرنس تي فيصلو گذريل مهيني 19 سيپٽمبر تي محفوظ ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button