سنڌ

سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ متاثرن جي بحالي ۽ امدادي ڪمن جي نگراني ۾ ججن جو ڪردار ختم ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي نگراني ۾ ججن جو ڪردار ختم ڪري ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت شهرين تي ٻڌل ڪميٽيون حڪومتي ادارن سان گڏجي ڪنديون. سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امدادي سرگرمين ۾ ججن جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽين خلاف سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ حڪومت جي درخواست تي شنوائي ٿي. جنهن دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي هيٺ آهي، تنهن ڪري سمورا معاملا اُتي اُٿاريا وڃن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو احترام آهي، اُن جي رستي ۾ نه اينداسين. متاثرن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته دادو ٻڏي ويو، ٻارڙا مري رهيا آهن، عدالت ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو سلسلو بند ڪري ڇڏيو آهي. وڪيل چيو ته حڪومت ته رڳو امداد جو انتظار ڪري رهي آهي، ڪميٽيون ٺاهڻ تي اعتراض ناهي. جسٽس عائشا ملڪ رمارڪس ڏنا ته ڇا امداد جي ورڇ لاءِ ڪميٽيون ڪم ڪري رهيون آهن؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدالت کي زميني حقيقتون ٻڌايو، ڇا اين ڊي ايم اي قانون ۾ شهرين جي معاونت جو طريقيڪار موجود آهي؟ يڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته سيڪشن 7 ۾ صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ڪميٽيون جوڙڻ جي اجازت ڏنل آهي، جنهن تي متاثرن جي وڪيل چيو ته مسئلو رڳو ججن جي مانيٽرنگ جو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button