پاڪستان

پ پ منهنجو خاندان آهي، ٻي ڪنهن پارٽي ۾ نه پيو وڃان: بئريسٽر اعتزاز احسن

پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ بئريسٽر اعتزاز احسن پ پ کي پنهنجو خاندان قرار ڏيندي تحريڪ انصاف يا ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شموليت جو امڪان رد ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي اعتزاز احسن چيو ته مان پيپلز پارٽي جو حصو آهيان ۽ پارٽي منهنجو خاندان آهي، منهنجو پاڪستان تحريڪ انصاف سميت ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شموليت جو ڪو امڪان ناهي، اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا سميت ٽي وي چئنلز تي خبرون هلي رهيون آهن ته مان بني گالا ۾ ويٺل آهيان ۽ تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪرڻ چاهيان ٿو، اهي سموريون خبرون بي بنياد آهن، عمران خان منهنجو دوست آهي پر پيپلز پارتي منهنجو خاندان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button