رانديون

ڪرڪيٽ ۾ نو بال ۽ رنس وٺڻ واري قانون تي نظرثاني بابت بحث

پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچ دوران نو بال تي رنسون ٿيڻ واري واقعي بعد آئي سي سي جي ان قانون تي نظرثاني ڪرڻ بابت بحث شروع ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ ۾ محمد نواز جي نو بال ۽ فري هٽ واري امپائر جي فيصلي بحث اٿاريو آهي. نيوزيلينڊ جي آل رائونڊر گرانٽ ايليٽ چيو آهي تھ ورلڊ ڪپ بعد نو بال تي رنس واري قانون ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي، ڇوتھ هر ماڻهو ان تي ڳالهائي رهيو آهي. هوڏانهن هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ آئي سي سي قانون تحت نو بال تي فري هٽ جي صورت ۾ بيٽر بولڊ ٿيڻ باوجود رنس وٺي سگهي ٿو ۽ ويرات ڪوهلي ان قانون کان آگاهه هو، تنهنڪري هن 3 رنسون وٺي ميچ جو پاسو بدلائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button