رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش هٿان نيڌرلينڊ کي شڪست، ڏکڻ آفريقا ۽ زمبابوي جي ميچ برسات حوالي

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي واريون ميچون جاري آهن، جنهن ۾ بنگلاديش 9 رنسن تان نيڌرلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن تھ ڏکڻ آفريقا ۽ زمبابوي وچ ۾ ميچ برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ بنگلاديش 8 وڪيٽن تي 144 رنسون ڪيون، عفيف 38، مصدق حسين 20، سوميا سرڪار 14 ۽ نجم الحسن شنٽو 25 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ نيڌرلينڊ جي بالرن مان پال وان ميڪيرين، باس ڊي ليڊي 2،2 وڪيٽون ورتيون. بنگلاديش جي 145 رنسن جي هدف کي ماڻڻ جي ڪوشش ۾ نيڌرلينڊ جي سڄي ٽيم 135 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ڪولن ايڪرمن 62 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي پر اها ضايع ٿي وئي. جڏهن تھ پال وان ميڪيرين 24 ۽ اسڪارٽ ايڊورڊس 16 رنسون ٺاهيون ۽ باقي بيٽر ڊبل ڊجيٽ ۾ بھ نھ اچي سگهيا. بنگلاديش جي تسڪين احمد 4 وڪيٽون وٺي ميچ جو پاسو ڦيرائي ٽيم کي کٽرائي ڇڏيو، جنهن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

ڏکڻ افريقا جا رانديگر برسات سبب امپائر سان مشورو ڪندي

هوڏانهن ڏکڻ آفريقا ۽ زمبابوي وچ ۾ سپر 12 واري ميچ برسات سبب بنا نتيجي جي ختم، جنهن بعد پوائينٽس برابر ورهايون ويون آهن. ميچ ختم ٿيڻ وقت ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 7 اوورن ۾ 72 رنسن جي هدف آڏو 51 رنسون ڪيون هيون، پر برسات ميچ ٿيڻ نھ ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button