پاڪستانسنڌ

دادو گرڊ اسٽيشن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ايل ايم فوت

دادو: سيپڪو دادو انتظاميا جي نااھلي سبب ايل ايم ڪرنٽ ۾ فوت ٿي ويو. دادو جي گرڊ اسٽيشن تي بنا سيفٽي جي ڪم ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب لائين مين زين العابدين پٽ بخت سومرو فوت ٿي ويو، لائين مين کي بيھوشي واري حالت ۾ سول اسپتال آندو ويو، جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، فوتي لائين مين جو مڙهھ ضروري ڪارروائي لا اسپتال ۾ پيل رهيو. فوتي لائين مين جو تعلق ميھڙ شھر سان ٻڌايو پيو وڃي. ساٿي ملازمن ٻڌايو ته گرڊ اسٽيشن تي ڪم دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب لائين مين فوت ٿيو آهي، وارثن کي اطلاع ڪيو آهي، وارث پهچڻ بعد لاش ميهڙ منتقل ڪيو ويندو. سيپڪو ذريعن موجب گرڊ اسٽيشن تي سيپڪو ملازمن کان بنا ڪنهن سيفٽي سامان جي ڪم ڪرايو پيو وڃي، جنهن سبب حادثو پيش آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button