رانديون

ڊوائين براو ٽي 20 ورلڊ ڪپ بعد رٽائرڊ ٿي ويندو

ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم جو سپر اسٽار ڊوائين براو ٽي 20 ورلڊ ڪپ بعد عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺي ڇڏيندو. ميڊيا مطابق ڊوائين براو عالمي ڪپ جي مقابلن کانپو پنهنجي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جي تصديق پڻ ڪري ڇڏي آهي. هن جو چوڻ آهي تھ منهنجي خيال ۾ عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع ڪرڻ لا هي بهترين وقت آهي، مون 18 سال ڪرڪيٽ کي ڏنا آهن، هاڻ ان ڊگهي ڪيريئر کي پڄاڻي ڏيڻ گهرجي. هن چيو تھ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ وٽ وائيٽ بال لا شاندار موقعا موجود آهن، تنهنڪري نوجوانن کي جڳهه ڏيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button