رانديون

ميزبان نعمان نياز شعيب اختر کان معافي گهري ڇڏي

پاڪستان جي سرڪاري ٽي وي پي ٽي وي جي ميزبان نعمان نياز اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر کان پنهنجي نامناسب رويي تي معافي گهري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق نعمان نياز رئوف ڪلاسرا جي يوٽيوب شو ۾ ڳالهائيندي نعمان نياز جو چوڻ هو تھ پروگرام ختم ٿيندي احساس ٿيو تھ جيڪو ٿيو اهو نھ ٿيڻ گهرجي ها، ميزبان طور کيس معاملا سنڀالڻ گهرجن ها، پر هو ائين نھ ڪري سگهيو، تنهنڪري مون کي معافي گهرڻ ۾ ڪا هٻڪ نھ ٿي رهي آهي. هوڏانهن شعيب اختر پڻ نعمان نياز کي معاف ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو تھ مون نعمان نياز کي معاف ڪيو، ادارن جي عزت اهم آهي، قومي اسٽارز سان ائين نھ ٿيڻ کپندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button