رانديون

عورتن جي ڪرڪيٽ کي نھ همٿائڻ: آسٽريليا افغانستان سان ٽيسٽ ميچ ملتوي ڪري ڇڏي

افغانستان ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ کي نھ همٿائڻ جو جواز ڄاڻائي آسٽريليا افغانستان سان شيڊول اڪيلي ٽيسٽ ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ سان مشاورت ڪرڻ بعد هوبارٽ ۾ 27 نومبر تي رٿيل ميچ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا جي بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ويمنز ڪرڪيٽ بابت غيريقيني واري صورتحال سبب في الحال ٽيسٽ ميچ کي ملتوي ڪيو آهي، افغانستان ۾ صورتحال چٽي ٿيڻ کانپو ئي ملتوي ڪيل اهم ٽيسٽ کي ري شيڊول ڪرڻ بابت غور ويچار ڪيو ويندو. بيان موجب ڪرڪيٽ آسٽريليا افغانستان جي مرد ڪرڪيٽرن کي بگ بيش ليگ ۾ ميزباني ڪرڻ لا تيار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button