پاڪستانسنڌ

پيٽروليم شين ۾ واڌ واپس نه ورتي وئي ته دمادم مست قلندر ٿيندو: پ پ اڳواڻ شازيا مري

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيه عطا مري چيو آهي جي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو واپس نه ورتو ته اھڙو دمادم مست قلندر ٿيندو جو حڪومت کان سنڀاليو به نه سگهبو.

هن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ 8 روپين کان وڌيڪ واڌ جھڙي عوام دشمن فيصلي کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. شازيه مري چيو ته عوام تيار رهي، پاڪستان پيپلزپارٽي وڌندڙ مهانگائي جي خلاف جلد ئٔي پنهنجي ايندڙ احتجاجي پروگرام جو اعلان ڪندي.

ھن چيو ته غريب عوام کي نااهل عمران خان ھميشھ رليف جي نالي تي تڪليف ڏني آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن جو احتساب ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف جي ايجنڊا تي عمل ڪندي عوام دشمن قدم کڻي رهيو آهي ۽ اسان اڳ ۾ ئي چيو هو ته پي ٽي آءِ ايم ايف جي بجيٽ عوام دشمن بجٽ آهي، جنھن جو اندازو پيٽروليم شين جي مسلسل وڌندڙ قيمتن مان ثابت ٿي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button