پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت ملڪ ۾ کنڊ مهانگي ٿيڻ جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت ملڪ ۾ کنڊ مهانگي ٿيڻ جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو. زراعت واري صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ کنڊ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ کنڊ مهانگي ٿي، سنڌ ۾ کنڊ جو ڪوبه بحران ناهي، اسان وٽ ڏيڍ مهيني جو اسٽاڪ موجود آهي.

هن چيو ته پنجاب ۾ اسٽاڪ ختم ۽ مهانگي کنڊ درآمد ڪرڻ سبب ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت 150 روپيا في ڪلو تي پهتي آهي، سنڌ وٽ 92،767.129 ميٽرڪ ٽن کنڊ جو اسٽاڪ موجود آهي، سنڌ ۾ ايندڙ هفتي شگر ملون هلڻ شروع ٿي وينديون، ملون نه هلائيندڙ مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

منظور وساڻ چيو ته پنجاب حڪومت ڪمند جو امدادي في مڻ اگهه 225 رپيا ۽ سنڌ 250 رپيا مقرر ڪيو آهي، بوزدار حڪومت ٽن سالن کان پنجاب جي آبادگارن کي ڪمند ۽ ڪڻڪ جو اگهه گهٽ ڏيندي پئي اچي، پيپلزپارٽي هميشا آبادگارن کي ٻين حڪومتن کان ڪمند ۽ ڪڻڪ جو امدادي اگهه وڌيڪ ڏنو آهي، کنڊ ملڪ ۾ اهي مافياز پيا مهانگي ڪن، جيڪي عمران خان کي جلسن ۽ ڌرڻن ۾ فنڊنگ ڪندا هئا، وزيراعظم صاحب مڃون ٿا ته گيهه، تيل، دال ٻاهران اچڻ سبب مهانگا آهن پر اٽو ۽ کنڊ ته هتي پيا ٺهن پوءِ ڇو مهانگا آهن؟.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button