پاڪستان

وفاقي حڪومت عوام تي پيٽرول هاري ڇڏيو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت رات جي اونداهي ۾ عوام تي وار ڪري پيٽروليم جون قيمتون وڌائي ڇڏيون. پيٽرول ۽ ڊيزل 8-8 رپيا ۽ گاسليٽ سوا 6 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو.

پهرين نومبر تي تيل جي اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ ۽ قيمتون برقرار رکڻ جو ڪريڊٽ کڻندڙ حڪومت چئن ڏينهن بعد عوام تي پيٽرول بم ڪرايو. پيٽرول 8 روپيا 3 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد في لٽر 145 رپيا 82 پئسن جو ٿي ويو. ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا واڌ بعد في لٽر 142 رپيا 62 پئسا في لٽر ٿي ويو. گاسليٽ 6 رپين جي واڌ سان 116 رپيا 53 پئسا في لٽر مقرر ڪيو ويو. وزير اعظم عمران خان جي وفاقي حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو آهي ته عوام کي اڳ ئي گهڻو رليف ڏئي چڪا آهيون، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿيڻ سبب قيمتون وڌايون آهن.

ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان ٽي ڏينهن اڳ قوم کي خطاب ڪندي چيو هو ته پيٽرول جون قيمتون وڌايون وينديون، عوام تيار رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button