پاڪستانخيبرپختونخوا

نيب اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ خلاف جاچ روڪي ڇڏي

پشاور: خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي خلاف جاچ روڪي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب مالم جبا اسڪينڊل ۾ نامزد اڳوڻي وڏي وزير ۽ موجوده دفاع واري وزير پرويز خٽڪ جي خلاف جاچ روڪي ڇڏي آهي ۽ احتساب عدالت به وفاقي وزير پرويز خٽڪ جاچ روڪڻ جي نيب واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي. نيب وفاقي وزير پرويز خٽڪ ۽ ٻين جي خلاف جاچ شروع ڪئي هئي. نيب احتساب عدالت کان پرويز خٽڪ ۽ ٻين جي خلاف جاچ روڪڻ جي لاءِ درخواست ڏني. احتساب عدالت جاچ روڪڻ جي حوالي سان نيب جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي گذريل دور واري حڪومت ۾ مالم جبا جي 275 ايڪڙ سرڪاري زمين 33 سالن جي ليز تي ڏني وئي هئي جنهن ۾ بي قاعدگين ۽ اقربا پروري جون شڪايتون سامهون آيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button