پاڪستان

صوبي جي 17 شهرن لاءِ ماسٽر پلان ٺاهيا ويا آهن: چيف سيڪريٽري سنڌ

ڪراچي: چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه 44 هين اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرام جي آفيسرن جي وفد سان سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ايڊمنسٽريٽر سروسز جي آفيسرن سميت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سنڌ قاضي شاهد پرويز، ايڊيشنل آئي جي غلام نبي ميمڻ شامل هئا.

وفد سان ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري چيو ته سنڌ جي 17 شهرن لاءِ ماسٽر پلان ٺاهيا ويا آهن، ٿرڪول ۾ ماحول لاءِ عالمي معيار جي مطابق قدم کنيا ويا آهن. ٿر ۾ صوبائي حڪومت ايئرپورٽ ٺاهيو، ٿرڪول جي ڪري ٿر جي عوام کي نوڪريون مليون ۽ ٿرڪول ۾ 70 سيڪڙو لوڪل ملازم آهن.

سيد ممتاز علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ امن امان بحال ٿيو آهي، هاڻي شهر جي انفرااسٽڪچر تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ورلڊ بينڪ ۽ ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ جي مدد سان 226 بلين روپين سان 5 منصوبا شروع ڪيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button