رانديون

ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ٻي آزمائش، زمبابوي کي منهن ڏيڻ جون تياريون

پاڪستان جي ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ اڄ ٻي آزمائش آهي، پرٿ جي ميدان ۾ بابر اعظم اليون جو زمبابوي سان مقابلو ٿيندو، پاڪستاني وقت موجب اها مئچ شام 4 وڳي کان کيڏي ويندي. پاڪستان کي ورلڊ ڪپ جي پهرين مئچ ۾ زمبابوي شڪست ڏني هئي، ٻي مئچ کٽڻ لا بالنگ ذريعي ڄار وڇايو ويو آهي. ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بئٽر افتخار احمد اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق کي پنهنجي پسنديده رانديگر قرار ڏيندي چيو آهي ته وڏين ٽيمن خلاف اسڪور ٺاهڻ سان مورال وڌندو آهي ۽ اسان کي اهو اعتماد اڳتي وڌائڻو پوندو. پرٿ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هر مئچ هڪ نئون مقابلو هوندو آهي، اسان جي هر مئچ ۾ ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجو 100 سيڪڙو ڏيون ۽ ٽيم کي ڪاميابي ڏياريون. شڪست تي فطري طور دل ڏکويل هوندي آهي پر جنهن طريقي سان ڪپتان ۽ ٽيم انتظاميا سهڪار ڪيو ان سان اعتماد پيدا ٿيو آهي، زمبابوي هڪ انٽرنيشنل ٽيم آهي، پوري اعتماد سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪندس، ٽيم جا سمورا مڊل آرڊر رانديگر رنسون ٺاهڻ جا خواهشمند آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button