رانديون

آئرلينڊ جي ٽيم وري انگلينڊ سان ملهه ڪري وئي، ورلڊ ڪپ ۾ اپ سيٽ شڪست

ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ هڪ ٻيو اپ سيٽ ٿي ويو، آئرلينڊ جي ٽيم انگلينڊ کي ڇرڪائيندڙ شڪست ڏئي 2011ع واري عالمي ڪپ جا سور ٻيهر جاڳائي ڇڏيا. ميلبورن جي ميدان تي برسات پوڻ ڪري آئرلينڊ ڊڪ ورٿ لوئس قانون تحت 5 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ورتي. ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ انگلينڊ جي بالرن آئرلينڊ کي 20 هين اوور ۾ 157 رنسن تي آئوٽ ڪيو، جنهن ۾ ڪپتان اينڊي بالبرني 62 ۽ لورڪان ٽڪر 34 رنسن سان نمايان رهيا. مارڪ ووڊ ۽ ليام ليونگسٽن 3-3 شڪار ڪيا. 158 رنسن جو پيڇو ڪندي انگلينڊ ٽيم 15 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 105 رنسون ٺاهيون ته ٻيهر برسات شروع ٿي وئي، جنهن سبب آئرلينڊ کي ڊڪ ورٿ لوئس قانون تحت 5 رنسن تان فاتح قرار ڏنو ويو. ياد رهي ته آئرلينڊ جي ٽيم 2011ع واري ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ به انگلينڊ کي اپ سيٽ شڪست ڏني هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button