اسلام آبادپاڪستان

عمران نيازي صحافي جي قتل تي ڪريل سياست ڪري خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي صحافي ارشد شريف جي المناڪ قتل کي پنهنجي ڪريل سياست لا استعمال ڪري خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، اڳوڻو وزيراعظم رياستي ادارن تي شڪ ۽ بي بنياد الزام لڳائڻ بدران عدالتي ڪميشن جي جاچ جي نتيجن جو انتظار ڪري. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران نيازي رياستي ادارن تي شڪ شبهن جو اظهار ڪري رهيو آهي، هو خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، عمران خان کي صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ بي بنياد الزام هڻڻ بدران جڊيشل ڪميشن جي جاچ جي نتيجن جو انتظار ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف وزيراعظم جي خاص مددگار ملڪ احمد خان چيو آهي ته ارشد شريف اسان جي ذاتي دوستن منجهان هڪ ۽ قدآور صحافي پڻ هو، جنهن جو هن انداز سان دنيا مان وڃڻ المناڪ واقعو آهي، ارشد شريف جي موت جي ڪنهن به عالمي تحقيقاتي اداري کان جاچ ڪرائڻ لا تيار آهيون، ان واقعي جي مڪمل انڪوائري ٿيڻ گهرجي، وفاقي حڪومت سموريون حقيقتون سامهون آڻڻ چاهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button