پاڪستان

عوامي سمنڊ کڻي اسلام آباد پهچنداسين ۽ حقيقي آزادي وٺي رهنداسين:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سڀاڻي جمعي کان لاهور مان حقيقي آزادي جي جهاد لا نڪرندس، هي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي آزادي جي تحريڪ هوندي، آمريڪي غلامن ۽ چورن کي ملڪ تي مڙهڻ نه ڏينداسين، اسان ڪنهن جي به اڳيان نه جهڪنداسين، عوام جو سمنڊ کڻي اسلام آباد پهچنداسين ۽ حقيقي آزادي وٺي رهنداسين. سيالڪوٽ ۾ وڪيلن ۽ شاگردن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عوام ظلم خلاف اٿي نه بيٺو ته پوءِ رڳو تباهي ۽ بربادي آهي، آمريڪا اسان جي مٿان چورن کي مڙهي ڇڏيو آهي، جيستائين زنده آهيان، چورن جو مقابلو ڪندو رهندس، خبر نه آهي ته توهان شاگردن سان ٻيهر ڳالهائڻ جو موقعو ملندو الائي نه، ملڪ ۾ انصاف نه رهيو آهي، قوم کي فيصلائتي تحريڪ لاءِ تيار ڪري رهيو آهيان. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ جي پهرين ڏينهن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف لاهور جي صدر تفصيل ٻڌائيندي چيو ته لانگ مارچ جي شروعات جمعي جي ڏينهن لبرٽي چوڪ کان ٿيندي، پهرين ڏينهن اسان شاهدرا تائين وينداسين، مارچ ڪلما چوڪ کان فيروزپور روڊ تائين ويندو، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان لانگ مارچ جي پهرئين ڏينهن شرڪت ڪندڙن کي آزادي چوڪ تي خطاب ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته مارچ جي ٻئي ڏينهن جي شروعات شاهدرا چوڪ کان ٿيندي، ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻن کي پنهنجن علائقن ۾ اشتهاري مهم ۽ ڪيمپون لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button